Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
قبولِ اسلام کان بعد ئي مسلمانن حرمِ پاڪ ۾ اعلانيه نماز ادا ڪئي*رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پنهنجو وزير فرمايو* پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه الله پاڪ جا پيارا آهن* سندن اسلام قبول ڪرڻ تي ملائڪن خوشي ملهائي*بارگاھ رسالت مان سندن فاروق لقب مليو. فاروق جي معنيٰ آهي: حق ۽ باطل ۾ فرق ڪري ڇڏڻ وارو*قرآن پاڪ جون تقريباً 20 آيتون سندن راءِ جي مطابق نازل ٿيون*سندن کي هن امت جو مُحَدَّث فرمايو ويو ۽ مُحَدَّث اهو هوندو آهي جنهن جي زبان تي ملائڪَ ڪلام ڪندا آهن* اسلام جي تمام اَهم منصوبه بندين ۾ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ جي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خاص مُشِير رهيا*سڄي زِندگي حُضُور جانِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ گذاريائون*پهرين خليفي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وفات کان پوءِ 12 سالن تائين مسلمانن جا خليفه ۽ اَمِيرُ المُؤمِنِين رهيا.
پسِ صدیق اکبر مصطفےٰ کے سب صحابہ میں ہے بےشک سب سے اُونچا مرتبہ فاروقِ اعظم کا([1])
* آخر مسجدِ نبوي شريف ۾، نمازِ فجر پڙھائيندي، هڪ ڪافِر خنجر سان سندن تي حملو ڪيو، جنهن سبب سندن زخمي ٿي پيا ۽ مديني پاڪ ۾ شهادت جي موت نصيب ٿي. حضرت صُهيب رَضِىَ اللهُ عَنۡه سندن نمازِ جنازه پڙھائي ۽ روضي پاڪ ۾ حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پهلو مبارڪ ۾ دَفن ٿيا.[2]
حیاتی میں تو تھے ہی خدمتِ محبوبِ خالق میں مزار اب ہے قریبِ مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد