Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
تشريف وٺي آيا، سندن الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪئي، پوءِ فرمايائون: اي انسانو...! مون پنهنجي متعلق غور ڪيو ته مونکي ياد آيو ته هڪ وقت اهو به هو جڏهن مان پنهنجي ماسيءَ جون ٻڪريون چاريندو هيس، انهن جي لاءِ کوھَ مان پاڻي ڪڍندو هيس، منهنجي ان ڪم تي منهنجي ماسي مونکي مُٺ ڀري ڪَتلون ڏئي ڇڏيندي هئي.
حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه بس اوترو ئي فرمايو ۽ منبر تان هيٺ تشريف وٺي آيا. (ماڻهو حيران هئا ته هيءَ ڪهڙي ڳالھ ٿي، سڀني کي جمع ڪيائون، منبر تي تشريف وٺي آيا، اسان ته سمجهي رهيا هئاسين ته ڪا نهايت اهم ڳالھ هوندي پر سندن ماضي جي هڪ معمولي ڳالھ ٻڌائي ۽ بس...!! ڇا اسان سڀني کي صرف هن جي لاءِ جمع ڪيو ويو هو؟) ان ميڙَ ۾ عظيم صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡه به موجود هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه همت ڪري عرض ڪيائون: اي اميرُ المؤمنين! مونکي نه ٿو لڳي ته اوهان صرف هيءَ ئي ڳالھ ٻڌائڻ جي لاءِ ماڻهن کي جمع ڪيو آهي؟ شايد اوهان ڪجھ ٻيو ئي فرمائڻ چاهيو ٿا؟ حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: اي عَوۡف جا پٽ! ڳالھ اصل ۾ هيءَ آهي ته مان اڪيلائيءَ ۾ هيس، منهنجي نفس مونکي چيو: اي عُمر! هاڻي تون اميرُ المؤمنين آهين، سڀني مسلمانن جو خليفو آهين، توهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ هن وقت ڪو ٻيو واسطو نه آهي، بس توهان ئي سڀني کان افضل آهيو....!! جڏهن منهنجي نفس مونکي هيئن وسوسو ڏياريو ته مون توهان سڀني کي جمع ڪري، پنهنجي پُراڻي ياد توهان سڀني جي سامهون بيان ڪري نفس کي ان جي اوقات ياد ڏياري ڇڏي. ([1])
الله! الله پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڪيڏي عظيم ڳالھ آهي...!! *وقت جا خليفه آهن*قطعي جنتي آهن*يقيناً جڏهن سندن دورِ خلافت هو، يعني پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه دنيا مان