Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
مسلمان تقريباً 100 سالن تائين غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا. * مسلمانن کي ذلت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، انهن تي ظلم ۽ ستم جا جبل ٽوڙيا ويندا هئا، * ڪافر مسلمانن کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندا هئا، * ڳالهه ڳالهه تي انهن مسلمانن جي عزت پامال ڪندا هئا، * مُسلي چئي ڪري انهن جو مذاق اڏائيندا هئا، * ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون ڏيندا هئا. پوءِ ربّ ڪريم اسان کي پنهنجو آزاد اسلامي ملڪ عطا فرمايو. ان تي الله پاڪ جو جيترو شڪر ادا ڪجي گهٽ آهي.
پر گڏو گڏ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان اسان کي تحفي ۾ ناهي ڏنو ويو، اهو تقريباً 100 سال جي محنتن جو نتيجو آهي، عظيم عاشقِ رسول علامه فضلِ حق خير آبادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان آزادي جي تحريڪ شروع ٿي هئي، 1857ء ۾ هن آزادي جي تحريڪ ۾ تقريباً 22 هزار علماءِ ڪرام شهيد ٿيا هئا.[1] هزارين ظلم و ستم جي باوجود عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام ڏينهن رات محنت ڪئي، سيد محمد محدّثِ ڪڇوڇوي، مولانا مصطفيٰ رضا خان، مُفتي نعيم الدين مراد آبادي، پير جماعت علي شاه صاحب، مولانا احمد قادري، مولانا عبدالماجد بدايوني، عبد العليم ميرٺي، سيد احمد سعيد ڪاظمي، مُفتي احمد يار خان نعيمي ۽ انهن کان علاوه هزارين عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم ڏينهن رات ڪوششون ڪيون، امت کي بيدار ڪيو، بيان ڪيا، ڪتاب لکيا، گهر گهر وڃي مسلمانن کي جذبو ڏنو، انهن محنتن جي نتيجي ۾ برِّصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نعرو لڳڻ لڳو؛
پاڪستان جو مطلب ڇا؟ لَاۤاِلٰہَ اِلَّا اللہ ڪير اسان جا راهنما؟ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ۔
آخر عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو، مسلم راهنمائن جي محنت ڪم آئي، آگسٽ جي 14 تاريخ هئي، رمضان