Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
المبارڪ جو مهينو
هو، 27 هين رات هئي، اهڙين مبارڪ گهڙين ۾، اهڙي بابرڪت رات ۾ الله ڪريم اسان کي
اسلامي جهموريه پاڪستان
(Islamic Republic of Pakistan)جي
صورت ۾ پنهنجو آزاد ملڪ عطا فرمايو.
کبریا کا لطف تھا اور رحمتِ شاہِ زمَن ہم کو سینتالیس میں حاصِل ہوا اپنا وَطن
ہم پہ جِدّ و جُہْدِ آزادی میں تھے سایہ فگن اَولیائے اُمَّتِ اَحْمَد، صحابہ، پنج تَن
اہلسنت و الجماعت کی مقاصد سے لگن رنگ کیسے لے نہ آتی، کیوں نہ مل جاتا وطن
سینکڑوں پیروں، ہزاروں عالموں کی دوڑ دھوپ تھی نتیجہ خیر، ہم نے لے لیا اپنا وطن
الحمدُ لِلَّه! پاڪستان ربِّ رحمٰن جو تمام وڏو احسان آهي، ان تي جيترو شڪر ڪجي، اوترو ٿورو آهي. بهرحال، هتي هڪ ٻي اهم ڳالهه تي غور ڪرڻ ضروري آهي، ۽ اها هيءَ ته اسان پاڪستان ڇو ٺاهيو هو؟ اسان جا هزارين عاشقانِ رسول عُلَماءِ ڪرام هڪ آزاد مُلڪ ڇو چاهيندا هئا؟ ڇا انهن کي ڪنهن الڳ خطي جي ضرورت هئي؟ ڇا اهي معاذالله! عهدن جي لالچ ۾ هئا؟ نه، نه...!! هر گز نه. * مسلمان پنهنجو آزاد وطن چاهيندا هئا ته جيئن پوري آزادي سان غلاميءِ مصطفيٰ جو اظهار ڪري سگهن. * مسلمان آزاد وطن چاهيندا هئا ته جيئن پوري آزادي سان نمازون پڙهي سگهن. * اسان کي آزاد وطن گهربل هو ته جيئن پوري آزادي سان روزا رکي سگهون. * اسان کي آزاد وطن گهربل هو ته جيئن پوري آزادي سان اسلام جي معاشي اصولن تي عمل ڪري سگهون. * اسان کي آزاد وطن گهربل هو ته جيئن پوري آزادي سان قرآن ۽ سنت جي تبليغ ڪري سگهون. * اسان آزاد وطن چاهيندا هئاسين، ڇو؟ ڇو ته کُلي عام پوري آزادي سان، پوري جوش ۽ جذبي سان، مڪمل شوق ۽ محبت سان اسلام جو پورو رنگ پنهنجو پاڻ تي چاڙهي به سگهون ۽ ان جو اظهار به ڪري سگهون.