Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
ھن مان معلوم ٿيو، بي پردگي پهرين جاهليت جو رواج آهي، پهرين جاهليت ڪهڙي آهي؟ حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: حضرت ادريس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي وچ ۾ جيڪو عرصو آهي، اهو جاهليتِ اوليٰ سڏجي ٿو، ان وقت عورتون سنورجي ڪري بي پرده گهمنديون هيون، غير مردن تي پنهنجو حسن ظاهر ڪنديون هيون. حضرت مَقاتِل فرمائن ٿا: نَمرود جي زماني جي ڳالهه آهي، ان وقت عورتون ننڍڙا ننڍڙا ۽ باريڪ ڪپڙا پائي گهٽين ۾ نڪرنديون هيون.[1]
هاڻي ٻڌايو! ڇا هي جدّت آهي...! ٿورو حساب ڪتاب ته ڪريو؛ * پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت کان وٺي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ولادت جي وچ ۾ ساڍا 500 سالن کان وڌيڪ جو فاصلو آهي. ([2]) * پوءِ حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تائين 19 صدين جو فاصلو آهي. * وري حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تائين 10 صدين جو فاصلو آهي. * ۽ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي وچ ۾ به 10 صدين جو فاصلو آهي. [3]اهو ڪل ملائي ڪري تقريباً 4400 سال بڻجن ٿا، يعني * هي بي پردگي * عورتن جو چادر نه ڍڪڻ * غير محرم مردن سان پردو نه ڪرڻ * غير مردن اڳيان پنهنجي جسم جي نمائش ڪرڻ * ننڍڙا ۽ باريڪ ڪپڙا پائڻ هي اڄ کان 4400 سال پهريان جو انداز آهي، جنهن کي اڄ ماڻهو جدّت چئي رهيا آهن؟ ڇا ايتري پراڻي ڳالهه کي جدّت چئبو آهي؟ اسلام کي دقيانوسيت (يعني تمام پراڻي سوچ) جو طعنو ڏيڻ وارا پاڻ ڏسو ڪيتري پراڻي دور ۾ جي رهيا آهن. جدّت ڇا آهي؟ اچو! مان توهان کي ٻڌايان ٿو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَا یُبْدِیْنَ زِیْنَتَہُنَّ (پارہ:18، سورۂ نور:31)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي زينت ظاهر نه ڪن.