Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
زبور شريف جي تلاوت ڪندا هئا ته اُڏندڙ پکي به رڪجي ويندا هئا، ماڻهو سندن ڏانهن مائل ٿي ويندا هئا. شيطان خبيث ماڻهن کي سندن وٽ حاضري کان روڪڻ لاءِ بانسري ٺاهي هئي. ([1])
هاڻي ٻڌايو! ڇا هي ڳائڻ، وڄائڻ، موسيقي وغيره جدّت آهي؟ هي لڳ ڀڳ 3000 سال پراڻو قصو آهي، اڄ ماڻهو ان کي جدت چئي رهيا آهن. * موبائل ۾ گانا هلي رهيا هوندا آهن * ڪنن ۾ هينڊفري لڳائي جهومي رهيا هوندا آهن * موٽر سائيڪل هلائيندي گانا ٻڌي رهيا هوندا آهن * بس ۾ ويٺي گانا ٻڌي رهيا هوندا آهن * جهاز ۾ سفر ڪندي گانا ٻڌي رهيا هوندا آهن، انهيءَ ڪري ڪيئي ڀيرا حادثا به ٿي ويندا آهن. هي نادان ڪنهن گاڏي وغيره سان ٽڪرائجي مري ويندا آهن. ۽ جيڪڏهن ڪو درد دل رکندڙ مسلمان انهن کي سمجهائي، نيڪي جي دعوت پيش ڪري، چئي ته ادا! گانا نه ٻڌو، هي گناهه جو ڪم آهي. سامهون کان فوراً جواب ڏيندا: رهڻ ڏيو مولوي صاحب! توهان کي ڪهڙي خبر، دنيا ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪي آهي، هي نئون دور آهي، پراڻيون ڳالهيون نه ڪريو!
لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! اهڙن نادانن کي ڪو سمجهائي ته ڀاء! پراڻي ڳالهه ته توهان ڪري رهيا آهيو، ڪٿي 3000 سال پراڻي ڳالهه ۽ ڳالهه به اها جيڪا شيطان ايجاد ڪئي هئي ۽ ڪٿي ساڍا 1400 سال پهريان روشني ورهائيندڙ اسلام جي تعليم...!! جديد ڇا آهي؟ اسلام يا جاهليت جون ڳالهيون؟ ۽ هونئن به گانا ٻڌڻ ڪهڙي سمجھداري جي ڳالهه آهي، صرف وقت ئي ضايع ٿيندو آهي، ملندو ته ڪجھه به ناهي، پوءِ ان سان گڏو گڏ آخرت جو عذاب الڳ آهي. ڳائڻ وڄائڻ وغيره فضوليات ۾ پوندڙن جي باري ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: