Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
آهي، ٿورو سرچ ڪريو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا جوا جا اڏا آهن، ڪيترن ماڻهن جوا جي چڪر ۾ پنهنجا گهر برباد ڪري ڇڏيا آهن * نسلي تعصب، پنهنجي پيءُ ڏاڏن تي فخر ڪرڻ دورِ جاهليت جو انڌيرو آهي، اڄ ڪيئي ماڻهو آهن جيڪي نسل پرستي جي بنياد تي فساد پيدا ڪري ڇڏين ٿا * وياج دورِ جاهليت جي لعنت آهي، اڄ اسان جي معاشري ۾ به رائج آهي بلڪه وڌي رهيو آهي * جادو ڪرڻ دورِ جاهليت جي برائي آهي، اڄ گهر گهر ۾ جادو جا مسئلا موجود آهن.
مطلب ته ڪهڙي برائي آهي جيڪا زمانهءِ جاهليت ۾ ٿيندي هئي ۽ هاڻي اسان جي معاشري ۾ ناهي ٿي رهي؟ بلڪه اسان وٽ ته انهن جاهلانه رسمن کي ترقي جو نالو ڏنو وڃي ٿو * نادان ۽ ناسمجهه وياج کي پروفٽ (Profit) چئي حلال سمجهي وٺندا آهن * وياجي لين دين کي معيشت جي بهتري جو ذريعو سمجهي ويٺا آهن * شراب پيئڻ فيشن (Fashion) بڻجندو پيو وڃي * بيحيائي کي جدت جو نالو ڏنو پيو وڃي.
اي عاشقانِ رسول! هي جدّت ناهي، هي ته اسلام جي اچڻ کان پهريان جون برائيون آهن، دورِ جاهليت جون خراب ڳالهيون آهن، جن کي اسلام ختم ڪيو آهي. ان ڪري يومِ جشنِ آزادي اچي رهيو آهي، اسان پاڪستان حاصل ڪيو هو، ڇو ڪيو هو؟ اسلامي تعليمات تي آزادي سان عمل ڪرڻ جي لاءِ. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته