Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
(Old House)جو رواج وڌي رهيو آهي * قطع تعلقي (يعني رشتا ٽوڙڻ) بلڪه رشتيدارن سان وڙهڻ، حسد، بغض جي بنياد تي انهن کان جهڳڙا ڪرڻ دورِ جاهليت جو انڌيرو آهي، اڄ ڪهڙو گهر آهي جتي لڙائي ناهي، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن آهي، ڪنهن جي چاچي سان نٿي ٺهي، ڪو وڏي چاچي سان ناراض آهي، ڪنهن کي پڦي سان نفرت آهي، ڪو ماسي کان بيزار آهي * طاقتورن جو ڪمزورن تي زور هلائڻ، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، ڪمزورن جو حق کائي وڃڻ، دورِ جاهليت جو انڌيرو آهي، اسان جي معاشري ۾ ڪيتري قدر ڇانئيل آهي، سڀني کي اندازو هوندو * گانا، باجا، ميوزڪ (Music) وغيره جاهليت جون اونداهيون آهن، اسان جي معاشري ۾ هي برائي ايتري عام ٿي وئي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن مسجدن ۾ به ميوزڪل ٽيونز (Musical Tunes) وڄندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون * بيحيائي وارا اشعار لکڻ، پڙهڻ، گنگنائڻ دورِ جاهليت ۾ عام هو، اسان جي معاشري ۾ به عام آهي، ڪجھ شاعر ماڻهو اهڙا اهڙا بيهودہ اشعار لکندا، ڀريل مجمعي ۾ ٻڌائيندا، يوٽيوب، فيس بڪ وغيره تي انهن جون وڊيوز (Videos) رکندا آهن، اهڙا بيحيائي وارا اشعار ...! ڪو باحيا ٻڌي ته ڪنن کي هٿ لڳائي، هي به جاهليت جو انڌيرو آهي * سيٽيون وڄائڻ، تاڙيون وڄائڻ دورِ جاهليت جو رواج آهي، اڄ اسان جي ڪهڙي مجلس آهي، جيڪا تاڙين کان خالي آهي؟ * جوا کيڏڻ دورِ جاهليت وارو انداز