Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

ٻڌائي (يعني اهو زمانو جڏهن حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اڃا نبين جي سلطان، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي زيرِ تربيت هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان آداب ۽ اخلاق سکندا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  ان ڏينهن جي ڳالهه ماڻهن کي ٻڌائي)، فرمايائون: هڪ شخص هو، هڪ دفعي منهنجي ان سان ڪجهه بحث ٿي وئي ته مون ان کي چيو: اي ڪاري ماءُ جا پٽ! (يعني ان جي ماءُ هئي ئي ڪاري رنگ جي ته مون ان کي هي طعنو ڏئي ڇڏيو)۔ هي ڳالهه جڏهن پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي معلوم ٿي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: یَا اَبَاذَرٍّ اِنَّکَ اِمْرَء فِیْکَ جَاہِلِیَّۃ يعني اي ابوذرّ! توهان جي اندر اڃا جاهليت واري (زماني جو) اثر باقي آهي۔ وڌيڪ فرمايائون: هي جيڪي توهان جا خادِم (يا غلام) آهن، هي توهان جا ڀائر آهن، الله پاڪ انهن کي توهان جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ جنهن جو ڪو ڀاءُ ان جي ماتحت هجي، ان کي گهرجي ته * جيڪو پاڻ کائي ٿو، اهوئي ماتحت کي کارائي  * جيڪو پاڻ پائي ٿو، اهوئي ماتحت کي به پارائي (ڇو ته هي منهنجي محبوب    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي تعليم آهي، انڪري مون پنهنجي غلام کي اهوئي لباس پارايو آهي، جيڪو مون پاڻ پائي رکيو آهي)۔[1]

ڪجهه روايتن ۾ آهي: اهو صحابئ رسول جن سان حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي ڪجهه بحث وغيره ٿي هئي، اهو حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  هو، جڏهن پياري آقا     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي تربيت ڪئي ۽ ٻڌايو ته اي ابوذرّ! (توهان اسلام به قبول ڪري ڇڏيو، اسلام جو نور توهان جي اندر رچي بسي به ويو، اسلامي اخلاقن ۽ آدابن سان توهان آراسته به ٿي ويا پر زمانهءِ) جاهليت واري هڪ خصلت جو اثر اڃا تائين باقي آهي سو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  يڪدم حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  وٽ هليا ويا۔ پنهنجو چهرو زمين تي رکيو ۽ چيائون: اي بلال! جيستائين توهان


 

 



[1] بخاری، حدیث:30 مع شرح ۔