Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
سيٺ هجي يا نَوڪر، * ڪو امير هجي يا غريب، * ڪو غلام هجي يا آقا، ڪو خادِم هجي يا مخدوم، هي سڀئي دنيا جو هڪ نظام (system) آهي، ربّ ڪريم جي تقسيم ڪاري آهي. جيڪو سيٺ آهي، اهو ماءُ جي پيٽ مان سيٺ پيدا ناهي ٿيو، الله پاڪ ان کي سيٺ بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو نوڪر (servent) آهي اهو پيدا ٿيندي ئي نوڪر نه هو، الله پاڪ ان کي نَوڪر بڻائي ڇڏيو آهي. ڪردار جي بلندي، اخلاق جي پاڪيزگي، الله پاڪ جو قرب ۽ آخرت جي ڪاميابي، الڳ ڳالهيون آهن. الله پاڪ وٽ ڪير وڌيڪ پسنديده آهي؟ سيٺ يا نَوڪر، هي اسان نٿا ڄاڻون. * هن جو تعلق پئسي سان ناهي، * هن جو تعلق دنياوي اسٽيٽس (Stats) سان ناهي، * هن جو تعلق وڏي ڪرسي سان ناهي، * هن جو تعلق تقويٰ ۽ پرهيزگاري سان آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّ اَکْرَمَکُمْ عِنْدَ اللّٰہِ اَتْقٰکُمْ ؕ (پاره:26،سورۂ حجرات:13)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي.
ان لاءِ اسان کي گهرجي ته عاجزي اختيار ڪريون، سڀني سان نيڪ سلوڪ (good behavior) سان پيش اچون. پهرين دور(زماني) ۾ پئسن سان خريديل غلام هوندا هئا، هاڻي اهو ماحول ته ناهي، البت خادِم ته هوندا آهن، نَوڪر چاڪر ته اڃا به گهرن، دڪانن ۽ آفيسن وغيره ۾ رکيا ويندا آهن، اسان کي گهرجي ته انهن کي گهٽ رتبي وارو سمجهي تڪبر جي آفت ۾ نه پئون، انهن سان به نيڪ سلوڪ ئي ڪيون.