Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اُمَّت جي تمام گهڻي ڀلائي چاهڻ وارا آهن. (3) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي غلامن تي تمام گهڻو مهربان آھن.
اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجي آقا، ٻنهي جهانن جي داتا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ۾ اهي اوصاف اختيار ڪريون، ٻين کي مشقت کان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون، ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪريون، هر هڪ جي ڀلائي چاهيون، خيرخواھي ڪريون، ڪو غريب آهي ته سندس مدد ڪريون، بيمار جي بيمار پرسي ڪريون، جنازن ۾ شرڪت ڪريون، پنهنجن مسلمان ڀائرن جي مالي، بدني مدد ڪريون ۽ پنهنجي سڀني مسلمان ڀائرن تي هميشه مهرباني ڪرڻ وارا بڻجون.
اُمّتِ محبوب کا یارب بنا دے خیر خواہ نفس کی خاطِر کسی سے دل میں میرے ہو نہ بَیر ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! 19 آگسٽ تي عالمي سطح تي يومِ همدردي ملهايو ويندو آهي، اَڄ 15 آگسٽ آهي، 19 به اچڻ واري آهي، همدردي ڇا آهي؟ هڪ ٻئي جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ، درد ونڊڻ، ٻين سان ڀلائي ڪرڻ کي ئي همدردي چئجي ٿو. تنهنڪري همدردي ڪندڙ بڻجو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پاڻ ۾ محبت وڌندي.
پاڻ ۾ همدردي (Mutual Sympathy) جا مختصر فضائل
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : "جيڪو ڪنهن غمگين شخص سان غمخواري ڪندو الله پاڪ کيس تقوا جو لباس پهرائيندو ۽ روحن جي وچ ۾ سندس روح تي رحمت فرمائيندو ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان غمخواري ڪندو الله پاڪ کيس جنت جي جوڙن مان ٻه اهڙا جوڙا عطا ڪندو جن جي قيمت پوري دنيا به نه ٿي ٿئي سگهي.[2] * هڪ روايت ۾ آهي: ۽ جيڪو ڪنهن مسلمان جي هڪ دنياوي تڪليف دور ڪري، الله پاڪ ان کان قيامت واري ڏينهن جي هڪ تڪليف دور