Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

پاڪ جي حضور هرگز هرگز قبول نه ٿينديون. ها! جنهن جي دل ۾ ايمان جي دولت موجود آهي، ان جي ننڍي کان ننڍي نيڪي، وڏي کان وڏي نيڪي       اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول به ٿي ويندي، جنت ۾ داخل ٿيڻ جو ذريعو به ٿي ويندي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغْفِرُ اَنْ یُّشْرَکَ بِہٖ وَ یَغْفِرُ  مَا دُوْنَ ذٰلِکَ لِمَنْ یَّشَآءُ ۚ         ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله ان ڳالھ کي ناهي بخشيندو جو ساڻس شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان هيٺ جيڪو ڪجھ آهي جنهن کي چاهيندو آهي معاف فرمائي ڇڏيندو آهي.

ایماں پہ رَبّ رحمت، دیدے تُو استقامت

دیتا   ہوں    واسطہ    میں    تجھ    کو    ترے    نبی   کا([1])

سچا عقيدا اپنائڻ به ضروري آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هي ڳالهه به ياد رکو ته يقيناً نجات جو دارومدار ايمان تي آهي، پر ايمان صرف ڪلمو پڙهڻ جو نالو ناهي بلڪ ايمان سڀني اسلامي عقيدن کي دل سان مڃڻ جو نالو آهي. قرآن پاڪ ۾ آهي:

وَ اِنِّیْ لَغَفَّارٌ لِّمَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ صَالِحًا  ثُمَّ  اھْتَدٰی (۸۲)

(پارہ:16، سورۂ طه:82)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ مان ان ماڻهو کي وڌيڪ بخشڻ وارو آهيان جنهن توبهه ڪئي ۽ ايمان آنڌائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين پوءِ هدايت تي رهيو.

هتي بخشش لاءِ 3 ڳالهين جو ذڪر آهي: (1) ايمان (2) نيڪ عمل          


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:180۔