Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
ٿيو جو ڪجھ ڏينهن ۾ هي سڀئي ملي ڪري پاڻ ۾ کير کنڊ(يعني پڪا دوست بلڪ ڀائر) ٿي ويا.[1]
کس نے ذَرَّوں کو اُٹھایا اور صحرا کر دیا کس نے قطروں کو مِلایا اور دریا کر دیا
کس کی حکمت نے یتیموں کو کیا دُرِّ یتیم اور غلاموں کو زمانے بھر کا مولا کر دیا
آدْمِیّت کا غرض ساماں مہیا کر دیا اِک عرب نے آدمی کا بول بالا کر دیا
مُفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: هن آيت مان معلوم ٿيو ته مسلمانن جو اّتفاق الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي ۽ انهن جي پاڻ ۾ جنگ ۽ نفاق ربّ جو عذاب آهي.[2]
هڪ ڀيرو حضرت مُجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ مَحبّت رکڻ وارا، پاڻ ۾ ڀائيچارو قائم رکڻ وارا، جڏهن انهن مان هڪ ٻئي ڏانهن هلي، پنهنجي ڀاءُ جو هٿ پڪڙي ۽ ان جي لاءِ مُسڪرائي ته انهن ٻنهي جون خطائون ايئن مٽايون وينديون آهن جيئن وڻ جا پَن ڪرندا آهن.[3] هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: جڏهن ڪو شخص پنهنجي مُسلمان ڀاءُ سان ملي، ان سان مُصافحو ڪري (يعني هٿ ملائي) ته اُنهن ٻنهي جا گناھ ايئن ڇڻندا آهن جيئن تيز هوا سان پَن ڇڻندا آهن. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هي ڳالھ ٻُڌي ڪري هڪ شخص حيرت مان چيو: بيشڪ هي ته تمام ننڍي عمل سان آهي (يعني ايتري آسان عمل سان ايترو وڏو اِنعام ڪيئن ملي سگهي ٿو)؟