Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
تعلقات جي بنياد الله پاڪ جي رضا تي رکو!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ گهرن ۽ محلن جي اندر جيڪي جھيڙا ٿيندا آهن، انهن جي اصل بنياد ڄاڻو ٿا ڇا آهي؟ ان جو بنيادي سبب هي آهي ته اسان جي هڪٻئي جي تعلقات ۾ الله پاڪ جي رضا مقصود ناهي هوندي، عام طَور تي ادلي بدلي جو نظام هوندو آهي، فلاڻو مون کي گهرائي ٿو، تنهنڪري مان به کيس گهرايان ٿو، فلاڻو مون سان ملندو آهي، تنهنڪري مان به ان سان ملندو آهيان، فلاڻي پنهنجي شاديءَ تي مون کي گهرايو هو، تنهنڪري مان به کيس گهرائيندس، فلاڻو منهنجي والد يا ڏاڏي جي جنازي تي آيو هو، تنهنڪري مان به ان جي عزيز جي جنازي ۾ ويندس، فلاڻو مون کي عزت ڏيندو آهي، مان به ان کي عزت ڏيندس، حالانڪه هي ادلي بدلي جو جيڪو نظام آهي، هي اسلامي نظريو ئي ناهي بلڪ اِلۡحاد جو نظريو آهي، گهر، محلي ۽ معاشري ۾ تعلقات جي بنياد ادلي بدلي تي رکڻ، هي بي دينن جي ڏنل سوچ آهي، اسلام تعلقات جي بنياد الله پاڪ جي رضا تي رکي آهي، اسلام تہذيب (Civilization)، اخلاق، ڪردار(Character)، هر شيءِ جي بنياد الله پاڪ جي رضا تي رکي آهي *هڪ حقيقي مسلمان ٻين سان انهيءَ ڪري نيڪي ناهي ڪندو ته سڀاڻي هو به ان سان نيڪي ڪندو پر ان جو مقصد(Purpose) رب جي رضا هوندي آهي *هڪ حقيقي مسلمان ٻين کي تڪليف ڏيڻ کان ان ڪري ناهي بچندو ته هي تڪليف کان بچي وڃي * اسان ٻين سان انهيءَ لاءِ مسڪرائي ناهيون ملندا جو ٻيا اسان سان مسڪرائي ملن* اسان ڪنهن جي مالي امداد(Financial Help)انهي لاءِ ناهيون ڪندا ته سڀاڻي اسان جي به مدد ڪئي ويندي پر اسلام اسان کي سيکاري ٿو ته اسان کي هتي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪرڻو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو۔
قُلْ اِنَّ صَلَاتِیْ وَ نُسُکِیْ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیْ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ (۱۶۲)ۙ ترجموڪنز الايمان: تون فرماءِ، بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجون قربانيون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سمورو الله جي واسطي آهي جيڪو سمورن جهانن جو رب آهي.