Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

(3) هدايت تي رهڻ. يعني جنهن ۾ اهي ٽي ڳالهيون هجن، الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏيندو آهي. هاڻي هدايت تي رهڻ جو مطلب ڇا آهي: حضرت سعيد بن جبير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: اِسْتَقَامَ لِفِرْقَۃِ الْسُّنَۃِ وَ الْجَمَاعَۃِ (يعني جيڪو ايمان آڻي، نيڪ عمل ڪري، پوءِ ان سان گڏ و گڏ) اهلِ سنت و جماعت جي عقيدن تي(يعني عاشقانِ رسول وارن عقيدن تي) ثابت قدم رهي، ان کي بخشش نصيب ٿي ويندي آهي.

معلوم ٿيو؛ نجات لاءِ ايمان ضروري آهي، پوءِ ايمان ۾ سڀئي سچا، عاشقانِ رسول وارا عقيدا شامل آهن، ان سان گڏوگڏ نيڪ عمل به ڪرڻا آهن، اهي ٽي ڪم جيڪو خوش نصيب ڪندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! روزِ قيامت نجات حاصل ڪري ويندو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                          صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (2)  غلط فهميون دور ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي هن خوبصورت واقعي مان ٻي ڳالهه جيڪا اسان کي سکڻ لاءِ ملي، اها هي آهي ته دل ۾ ڪنهن جي باري ۾ خيال اچي وڃن ٿا، اسان کي گهرجي ته انهن کي دور ڪري وٺون.

ڏسو! حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جهڙي هستي، جن کي ڏسي شيطان رستو بدلي ڇڏيندو آهي، جن جي راءِ جي مطابق قرآني آيتون نازل ٿيون، جن جي زبان تي ربّ رحمٰن حق جاري ڪيو، حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سلام جو جواب نه ڏنو ته سندن دل ۾ به خيال اچي ويو. جڏهن ايڏي بلند رتبه هستي جي دل ۾ خيال اچي سگهي ٿو ته اسان جي دل ۾ به اچي سگهي ٿو، بلڪه خيالات ايندا آهن، غلط فهمي (misunderstanding) ٿي ويندي آهي.