Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
مونکي مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآنِ پاڪ پڙهڻ جي دعوت ڏيندو رهندو هو. سندس انفرادي ڪوشش رنگ لاتو ۽ مون هڪ ڏينهن مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪئي. الحمد للہ! مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي برڪت سان مون صحيح مخارج سان قرآنِ پاڪ پڙهڻ به سکي ورتو. ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ڪري ديني ڪمن ۾ به مصروف ٿي ويس. انهن ديني ڪمن جي برڪت سان الحمد للہ! مونکي 2 ڀيرا عمرو ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. ([1])
تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول
سلامت رہے یاخدا دینی ماحول بچے بد نظر سے سدا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريندا.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد