Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مسلمانن کي صرف جسماني طور گڏ نه ڪيو بلڪ انهن جي دلين کي به گڏ ڪيو، مسلمان هڪ دل ۽ هڪ جان آهن. رب پاڪ مسلمانن ۾ تنظيم ۽ يڪجهتي عطا ڪري.[1]

جو کرے گا امتیازِ رنگ وخُوں مٹ جائے گا                   تُرکِ خرگاہی ہو یا اعرابی والا گُہر

نسل اگر مسلم کی مذہب پر مُقَدَّم ہو گئی                                          اُڑ گیا دنیا سے تُو مانندِ خاکِ راہ گزر

 وضاحت: جيڪو رنگ، نسل ۽ خون جي فرق ۾ مبتلا ٿيندو اهو مٽجي ويندو چاهي اهي شاهي خيمن ۾ رهڻ وارا تُرڪ هجن يا وري عرب جو عالي نسب وارو خاندان هجي. جيڪڏهن مسلمان رنگ و نسل کي مذهب تي ترجيح ڏيڻ شروع ڪيو ته اهو رستي جي ڌوڙ جيان دنيا ۾ بي وَقۡعَت ٿي ويندو.

اسلام ۽ نفرت مٽايو تحريڪ

مدينه منورہ ۾ عرب جا ٻه قبيلا رهندا هئا، هڪ جو نالو اَوس هو، ٻئي جو نالو خَزۡرَج. اَوس ۽ خَزۡرَج پهرين ته وڏي اتفاق ۽ اتحاد سان گڏجي رهندا هئا، پر پوءِ انهن ٻنهي قبيلن ۾ جھيڙا شروع ٿي ويا. ايستائين جو آخري لڙائي جيڪا جنگ بُعاث جي نالي سان مشهور آهي، هي جنگ ايتري قدر خوفناڪ ۽ خونريزي واري هئي جو ان ۾ اَوس ۽ خزرج جا تقريباً سڀئي نامور بهادر وڙهي مري ويا، ائين باهمي جھيڙن جي ڪري اهي ٻئي قبيلا بيحد ڪمزور ٿي ويا.

اسلام قبول ڪرڻ کان بعد رسول رحمت، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقدس تعليم ۽ تربيت جي بدولت اوس ۽ خزرج جا تمام پراڻا اختلاف ختم ٿي ويا ۽ اهي ٻئي قبيلا پاڻ ۾ پيار، محبت ۽ اتفاق سان رهڻ لڳا. انهن ماڻهن اسلام ۽ مسلمانن جي بي پناھ امداد ۽ نصرت ڪئي، تنهنڪري تاجدار مدينه، قرار قلب و


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، 5/494 ملتقطا، نعیمی کتب خانہ گجرات۔