Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
کي راحت پهچائڻ جو ذهن بڻايو، جڏهن اسان پنهنجن مسلمان ڀائرن سان اهڙا مخلص ٿي وينداسين، انهن جي خاطر قربانيون ڏيڻ جو ذهن بڻائي وٺنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پاڻ ۾ محبت وڌندي، مسئلا حل ٿيندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته باهمي اختلافن جو خاتمو ٿي ويندو.
جذبۂ اِیثار دِل میں ہو اگر مسئلوں کا حل نکلتا جائے گا
غلط فہمی کی سرحد پار کر کے مِٹا دو فاصلے اِیثار کر کے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اوھان پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ هميشه ٻين جا خيرخواھ رهو، ھر ھڪ جي ڀلائي سوچيو، ڪڏهن به خودغرض نه بڻجو. ڏسو! دنيا ۾ واحد شخصيت جيڪا لکين، ڪروڙين بلڪه اَربين انسانن کي متحد ڪيو، يعني اسان جا آقا ۽ مولا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، الله پاڪ سندن اعلٰي اوصاف بيان ڪندي فرمائي ٿو:
عَزِیْزٌ عَلَیْہِ مَا عَنِتُّمْ حَرِیْصٌ عَلَیْکُمْ بِالْمُؤْمِنِیْنَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ (۱۲۸)
(پارہ:11،التوبہ:128) ترجموڪنزُالعرفان: جن تي توهان جو تڪليف ۾ پوڻ تمام ڏکيو گذرندو آهي. هو توهان جي ڀلائي جو چاهڻ وارو، مسلمانن تي تمام مهربان، رحمت فرمائڻ وارو آهي.
هي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 3 اعليٰ اوصاف آهن: (1) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي اُمَّت جو مشقت ۾ پوڻ ناگوار آهي. (2) پاڻ