Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجهو اهو شخص هوندو، جيڪو مون تي سڀ کان وڌيڪ درود شريف پڙهندو هوندو.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! درودِ پاڪ ڪيتري اعليٰ نيڪي آهي...!! ان جي بَرَڪَت سان قربِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيندو آهي. مشهور مفسّرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: قيامت ۾ سڀ کان وڌيڪ آرام ۾ اهو هوندو جيڪو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ رهندو ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي همراهي (يعني قربت، نزديڪي) نصيب ٿيڻ جو ذريعو درود شريف جي ڪثرت آهي. هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته درود شريف بهترين نيڪي آهي ڇو ته تمام نيڪين سان جنت ملندي آهي ۽ درودِ پاڪ پڙهڻ سان بزمِ جنت جا گهوٽ ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملندا آهن.([2])
حشر میں کیا کیا مزے وارفتگی کے لُوں رضا لَوٹ جاؤں پا کے وہ دامانِ عالی ہاتھ میں([3])