Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. [1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

مُعَانَقه(ڳلي ملڻ) سُنَّتِ مصطفيٰ  آهي

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : جنهن جو ڪو ڀاءُ هجي، ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان معانقو ڪري۔

اي عاشقانِ رسول! ڳلي ملڻ کي مُعَانَقو چوندا آهن ۽ مُعَانَقو سُنَّتِ مصطفيٰ آهي. مِراٰة المناجيح ۾ آهي: خوشي ۾ ڪنهن سان ڳلي ملڻ سُنّت آهي، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترائي ڀيرا صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  تي شفقت فرمائيندي انهن کي مُعَانقي جو شرف بخشيندا هئا۔ مثال طور، خيبر جي موقعي تي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت جعفر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کي سيني سان لڳايو ۽ پيشاني به چمي۔ هڪ ڀيرو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابو ذَرْ غِفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي سڏيو، جڏهن هو حاضر ٿيا ته شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي سان لڳايو۔

اي عاشقانِ رسول! مُعَانَقہ يعني ڳلي ملڻ سُنَّت آهي، البته اَمْرَد يعني ننڍڙن نابالغ ٻارن وغيره سان ڳلي ملڻ کان پرهيز ڪرڻ ئي بهتر آهي، ڇوته ان ۾ گناھ ۾ پوڻ جو سخت خدشو آهي۔ الله پاڪ اسان کي سُنَّتن جو پيروڪار بڻائي۔

 مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔