Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
هوا توهان جي طرف متوجھ نه ٿيندي، پوءِ توهان ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندؤ[1].
ہَوَس نے کر دیا ہے ٹکڑے ٹکڑے نوعِ اِنساں کو اخُوَّت کا بیاں ہو جا، محبّت کی زباں ہو جا!
وضاحت: لالچ ۽ خود غرضي جي هوس انسانيت کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو، انسانو...!! پاڻ ۾ ڀائيچارو رکو! ۽ محبت ڪرڻ وارا بڻجي وڃو.
الڳ الڳ رهڻ شيطان جي طرفان آهي
صحابي رسول حضرت ثَعۡلَبه خُشَني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: ماڻهن جي عادت هئي ته دورانِ سفر ڪنهن وڻن جي جهڳٽي يا وادي ۾ رڪندا ها ته پکڙجي ويندا (يعني الڳ الڳ ٿي ويهي رهندا ها)، ان تي الله پاڪ جي پياري رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ اوهان جو انهن وڻن جي جهڳٽن ۽ وادين ۾ الڳ الڳ رهڻ شيطان جي طرفان آهي، ان کان پوءِ ماڻهو جڏهن به ڪنهن جاءِ تي ترسندا هئا ته هڪ جاءِ تي گڏجي رهندا هئا.[2]
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (الڳ الڳ رهڻ شيطان جي طرفان آهي ڇو ته) اوهان جي ايئن پکڙجڻ سان شيطان کي موقعو ملندو آهي ته ڪافرن کان اوهان تي حملو ڪرائي، ڇو ته اهي سمجهندا ته هي ماڻهو الڳ الڳ آهن انهن تي اوچتو حملو ڪريو، اهي هڪ ٻئي جي مدد نه ڪري سگهندا، ان ڪري الڳ الڳ رهڻ خطرناڪ آهي. مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: جيئن جسماني دوري خطرناڪ آهي، اهڙي طرح دلين جي دوري به شيطاني اثر سان ٿيندي آهي ۽ سخت خطرناڪ آهي.