Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

حضرت مُجَاهِد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: (اي شخص!) ڇا تو الله پاڪ جو فرمان ناهي ٻڌو[1]:  

لَوْ اَنْفَقْتَ مَا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا مَّاۤ اَلَّفْتَ بَیْنَ قُلُوْبِهِمْ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ اَلَّفَ بَیْنَهُمْؕ- (پارہ:10،الاَنفال:63)

 ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان زمين ۾ جيڪو ڪجھ آهي خرچ ڪري ڇڏيو ها تڏهن به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا نه ڪري سگهو ها پر الله انهن جي دلين کي ملائي ڇڏيو.

 يعني ٻن دلين جي پاڻ ۾ مَحبَّت جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان ملندا ۽ هٿ ملائيندا آهن، هي مَحبَّت ڪا ننڍو عمل ناهي، هي ته انمول نعمت آهي جيڪا دنيا جي تمام دولت خرچ ڪري به حاصل نٿي ڪري سگهجي.

مُسلمان پاڻ ۾ هڪ جسم جيان آهن

هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايو: مسلمان ٻئي مسلمان جي لاءِ عمارت جيان آهي جو هڪ ٻئي کي مضبوط ڪندو آهي، اهو فرمائيندي محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجهي ڇڏيون. ([2] 

ایک ہو جائیں تو بن سکتے ہیں خورشیدِ مبیں                                    ورنہ اِن بکھرے ہوئے تاروں سے کیا کام بنے

اِتّفاق قانونِ فطرت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اتفاق، اتحاد قانونِ فطرت آهي. ڪڏهن هن ڪائنات ۾ غور ڪريو! دنيا جو سڄو نظام هڪ گهاٽي ربط ۽ تعلق سان هلي رهيو آهي، قدرت


 

 



[1] تفسیر درمنثور، پارہ: 10، سورۂ انفال، زیرِ آیت:63، 4/100، دار الفکر بیروت۔

[2]...بخاری، کتاب الصلاۃ، باب تشبیک الاصابع، ص190، حدیث:481، دار المعرفہ بیروت۔