Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

بلڪه گوليون تائين هلي وينديون آهن. * افسوس! اڄڪلهه ڪجهه مسلمان ڪڏهن پٺاڻ ٿي ڪري، * ڪڏهن پنجابي ٿي ڪري، * ڪڏهن مهاجر ٿي ڪري، * ڪڏهن سنڌي ۽ بلوچ قوميت جو نعرو هڻي ڪري هڪ ٻئي جو ڳلو ڪَٽڻ لاءِ تيار رهن ٿا، هڪ ٻئي جي ملڪيتن کي باهه ڏني ويندي آهي.

مسلمانو! اوهان ته هڪ ٻئي جا محافظ هئا، اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي ته: مؤمنن جي مثال هڪ جسم جيان آهي، جيڪڏهن هڪ عضوي کي تڪليف پهچي ته سڄو جسم ان تڪليف کي محسوس ڪندو آهي[1].

هڪ شاعر ڪهڙي پياري انداز ۾ سمجهايو آهي:

مبتلائے دَرد کوئی عضو ہو روتی ہے آنکھ                                                                  کس قدر ہمدرد سارے جسم کی ہوتی ہے آنکھ

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي هڪ ٻئي سان جھيڙو ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي همدردي ۽ غم ونڊڻ گهرجي. مسلمان هڪ ٻئي کي مارڻ، ڪَٽڻ ۽ لٽڻ وارو ناهي هوندو. نفرتون مٽائڻ وارو ناهي هوندو، محبتون وڌائڻ وارو هوندو آهي.

پاڻ ۾ اختلاف بُزدل ۽ ڪمزور بڻائيندا آهن

سيپارو:10، سورهءِ انفال، آيت :46 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَا  تَنَازَعُوْا فَتَفْشَلُوْا  وَ تَذْہَبَ رِیْحُکُمْ (سيپارو:10، الاَنفال:46)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ پاڻ ۾ بي اِتّفاقي نه ڪريو نه ته توهان بزدل ٿي ويندؤ ۽ توهان جي قوت ختم ٿي ويندي.

 

يعني اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ جھيڙو ڪندؤ، اختلافات ۾ پوندؤ ته توهان جي شان و شوڪت ختم ٿي ويندي ۽ فتح ۽ نصرت جي رحمت ڀري


 

 



[1] بُخاری ج۴ص۱۰۳حدیث۶۰۱۱۔