Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حديثِ پاڪ بيان ڪندي فرمايو: مون رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو: مَا نَجَاۃُ ہٰذَا الْاَمْرِ يعني قيامت جي ڏينهن نجات جو دارومدار ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ فرمايائون: مَنْ قَبِلَ مِنِّي الْكَلِمَةَ فَهِيَ لَهُ نَجَاةٌ يعني اهو ڪلمو جنهن جي مان دعوت ڏيان ٿو (يعني ڪلمهءِ طيبه)، جنهن (دل سان) ان ڪلمي کي قبول ڪري ورتو، ان جي لاءِ نجات آهي.[1]
اللہ وَاحِد و یَکتا ہے ایک خُدا بَس تنہا ہے
کوئی نہ اُس کا ہَمتا ہے ایک ہی سب کی سُنتا ہے
لَآاِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللّٰہ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي سيرت جو هي خوبصورت واقعو جيڪو اسان ٻڌو، ان ۾ اسان لاءِ سکڻ جا ڪيترائي سبق آهن. ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان ٿو:
(1) نجات جو دارومدار ايمان تي آهي
هن واقعي مان پهريون سبق ته هي مليو جو روزِ قيامت نجات جو دارومدار ايمان تي آهي، ڪو ڀلي جيترا به چڱا ڪم ڪري * پوري دنيا ۾ يتيم خانا کولي * سڄي دنيا جي غريبن ۾ لکين روپيا ورهائي* هر بي گهر کي گهر بنائي ڏي * هر بکئي کي کاڌو کارائي * جيترا چاهي ڀلائين جا ڪم ڪندو رهي، جيڪڏهن ان جي دل ۾ ايمان نه آهي ته هي سڀ ڀلايون بيڪار آهن، الله