Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

وضاحت: اعلٰي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عشق جو جوش ڏسو! فرمائي رهيا آهن: اي رضا! روزِ قيامت ۾ عشقِ رسول ۽ محبت جا مزا ماڻيندس، جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪرم جو دامن هٿ ايندو ته عشق ۽ محبت ۾ تڙپي ويندس(يعني مچلجي ويندس) الله پاڪ اسان کي ميدانِ محشر ۾ بلڪه دنيا ۾، نزع ۾، قبر ۾، حشر ۾، ميزان تي، پل صراط تي، هر هر مقام تي دامنِ مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٿڌي ڇانوَ نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

   اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس  * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس  * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                     صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

غلط فهمي دور ٿي وئي

مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خلافت جي دور


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔