Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

اسان ۽ اسان جا لڙائي جهڳڙا

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪالهه 14 آگسٽ هئي، 14 آگسٽ تي اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان آزاد ٿيو هو، الحمد لله! پاڪستان کي ٺهندي 77 سال گذري چڪا آهن. الله پاڪ اسان جي پياري ملڪ کي خوشحال ۽ آباد رکي، ڏينهن، رات ترقي عطا فرمائي، اسان جي پياري وطن کي اندروني ۽ بيروني سازشن کان محفوظ رکي.

یاخدا! پاک وطن کی تُو  حفاظت فرما                                                                                              فضل کر اس  پہ  سدا سایۂ رحمت فرما

مرحبا پاک وطن  پاک وطن پاکستان                                                                                         دے ترقّی تُو عنایت اسے برکت فرما

لطف سے تیرے  ملی  پاک وطن کی سوغات                                                 فضل سے اب مجھے  جنّت  بھی عنایت فرما

شکر صد شکر  غلامی سے ملی آزادی                                                                                              پھر عنایت ہمیں کھوئی ہوئی شوکت فرما

پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي وطنِ عزير ۾ بلڪه عام طور تي پاڪستان کان ٻاهر به معاشري ۾ نااتفاقي، لڙائي جهڳڙا وغيره وڌندا پيا وڃن. هر گهر ۾ جھيڙا آهن، ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙڻ لاءِ تيار آهي، هر ايندڙ ڏينهن اخبارن ۾ خبرون اينديون رهنديون آهن؛ ڪٿي ڪنهن چاچي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو ته ڪٿي ڪنهن گستاخ پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪڏهن ڪنهن دوست دوست کي ماري وڌو ته ڪڏهن ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.

* کوڙ ماڻهو هي چوندي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن: جناب، هن دنيا ۾ شريف رهي ڪري ته گذارو ئي نه ٿو ٿئي، اسان ته شريفن سان شريف ۽ بدمعاشن سان بدمعاش آهيون! هي ڳالهه صرف چوندا ئي نه آهن، ڪري ڏيکاري به ويندي آهي.          * معمولي ڳالهه تي پهريان زبان درازي، پوءِ هٿ چراند، ان کان بعد چاقو بازي