Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
جواب نه ڏنو، ته فوراً ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي ساڻ وٺي ان وٽ پهچي ويا، ڳالهه ڪئي، پنهنجي سوچ ان سان شيئر ڪئي، ان وضاحت ڏئي ڇڏي، ڳالهه ختم ٿي وئي.
اسان کي به اهو انداز اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪنهن ڳالهه تي غلط فهمي ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر ان غلط فهمي کي دل ۾ نپائي نپائي بدگماني، بغض ۽ ڪينو بڻائي ڇڏڻ تمام خراب ڳالهه، بلڪه گناهه وارو انداز آهي.
واقعو ٻڌايو ويندو آهي ته 2 دوست (Friends) هئا، پاڻ ۾ وڏي گهاٽي دوستي ۽ محبت هُين، هڪ ڀيري ايئن ٿيو ته آفيس جون موڪلون اچي رهيون هيون، ٻنهي گڏجي ڪٿي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. ڳالهه طئي ٿي وئي، وقت، تاريخ ۽ جاءِ سڀ ڪجهه طئي ڪري ڇڏيو. هاڻي موڪلون ٿيون، ٻئي دوست پنهنجي پنهنجي گهر ويا، جڏهن مقرر تاريخ آئي ته هڪ دوست پنهنجي تياري ڪري، سفر جو سامان وغيره کڻي ٻئي دوست جي گهر پهچي ويو. گهر جي گهنٽي (Bell) وڄائي، دوست ٻاهر نڪتو، بلڪل غمگين، منهن لٿل، بلڪل رُٺل لہجو، نه چڱي طرح مليو، نه سٺي انداز سان استقبال ڪيو، بس ايئن اوطاق ۾ ويهاريو، بس پاڻي پياريو، نه ڪا گفتگو ڪئي، نه خوشي جو اظهار ڪيو، ڪجهه به نه. هي دوست جيڪو تياري ڪري آيو هو، ان کي تمام برو لڳو، هن دوست جي انداز کان بدظن ٿي چيو: مان وڃان. هن ان تي به ڪو رد عمل نه ڏيکاريو، آخر اهو دوست پنهنجو سامان کڻي هليو ويو. هاڻي هي غصي ۾ هو، هن دوست کي بي وفا، بدمزاج، بي مروت ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا سمجهي ورتو، ان سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو، تعلق ٽوڙي ڇڏيو ۽ بلڪل ان کان پري ٿي ويو. ڪافي عرصي (Long time) کان بعد انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي ته اُن