Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
(1) سلام کي عام ڪريو...
(2) پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو وڌائڻ جو هڪ بلڪل آسان طريقو سلام آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: لَا تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ حَتّٰی تُؤْمِنُوْا توهان ان وقت تائين جنت ۾ داخل نٿا ٿي سگهو، جيستائين ايمان نه آڻيو! وَ لَا تُؤْمِنُوْا حَتّٰی تَحَابُّوا ۽ توهان تيستائين (ڪامل) مؤمن نه ٿا ٿي سگهو جيستائين پاڻ ۾ محبت نه ڪيو.
پوءِ فرمايائون: ڇا مان توهان کي اها ڳالهه نه ٻڌايان جنهن تي عمل ڪري توهان جي پاڻ ۾ محبت وڌي وڃي؟ اَفْشُوا السَّلَامَ بَیْنَکُمْ پاڻ ۾ سلام کي عام ڪريو.[1]
(2)مُصافحو (يعني هٿ ملائڻ) جي عادَت بڻايو!
اهڙي طرح مُصافحو (يعني هٿ ملائڻ) جي عادَت به اَخُوَّت ۽ محبت وڌائڻ جو ذريعو آهي. رحمتِ دوعالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: هڪ ٻئي سان مصافحو ڪريو! ان سان ڪينو(يعني دل ۾ لڪيل عداوت) ختم ٿي وڃي ٿو[2].
(3) ايثار جو جذبو پيدا ڪريو......!
پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ ۾ محبت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي قائم رکڻ لاءِ هڪ اهم ترين شيءِ ايثار آهي. ڪشفُ المحجوب ۾ آهي: ايثار جي حقيقت هيءَ آهي ته ٻانهو پنهنجي رفيق(يعني ساٿي) جي حق جي حفاظت ڪري ۽ پنهنجو حق ڇڏي ڏئي. پنهنجي رفيق کي راحت پهچائڻ ۾ پاڻ تڪليف برداشت ڪري ۽ پنهنجي آرام کي رفيق جي آرام تي قربان ڪري[3].
اي عاشقانِ رسول! هڪ ٻئي لاءِ اڳتي وڌي قربانيون ڏيڻ جي عادَت بڻايو! ٻين