Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
جي ڪم اچڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الْکَرِیْم! دِين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي.
حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي، جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([1])* قرآنِ مجيد الله پاڪ جي ڪتاب آهي، * ٻانهن جي نالي رَبِّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اڄڪلهه مسلمان قرآنِ ڪريم کان تمام پري ٿي رهيا آهن. * گهڻن ماڻهن کي صحيح قرآنِ مجيد پڙهڻ به نه ٿو اچي. جيڪي پڙهي وٺن ٿا، اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪن ٿا، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي.
* الحمد للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. صرف 45 منٽن جي ڪلاس ٿيندي آهي. جنهن ۾ صحيح تجويد ۽ قراءت سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي. فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن. سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي. توهان به ان ۾ شرڪت ڪيو!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الْکَرِیْم! تمام برڪتون ملنديون.
حيدرآباد (سنڌ) جي رهاڪو اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ مان دنيا جي رنگينين ۾ گم، غفلت ڀري زندگي گذاري رهيو هيس. مَعَاذَاللہ! اڪثر گانا جهونگاريندو هيس. منهنجو هڪ ماسات جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هو،