Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
گنھگار جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ محبت ڀري لهجي ۾ فرمايائون: اي منهنجا پيارا اُمتي! جنهن وات سان تون مون تي درود پڙهندو آهين! هيڏي ڪر! مان ان وات کي چُمان...!!
قُربان میں اُن کی بخشش کے، مقصد بھی زباں پر آیا نہیں
بِن مانگے دیا اور اتنا دیا، دامن میں ہمارے سمایا نہیں
اُن کا تو شعار کریمی ہے، مائل بہ کرم ہی رہتے ہیں
جب یاد کیا اے صَلِّ عَلیٰ، وہ آ ہی گئے تڑپایا نہیں
وضاحت: الله! الله! پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بخشش تي قربان وڃان، بنا گهرڻ جي ئي اسان جون جهوليون مُرادن سان ڀري ڇڏيندا آهن، ڏيندا به ايترو آهن جو اسان جي جهولين ۾ سمائجندو ئي ناهي، الله! الله! انهن جو شان ئي ڪرم نوازي ڪرڻ آهي، جڏهن به انهن کي ياد ڪندا آهيون، اهي ڪرم نوازي جي واسطي تشريف وٺي ايندا آهن.
حضرت محمد بن سَعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذيشان ٻڌي ڪري مونکي حيا اچي وئي ته ڪٿي منهنجو وات ۽ ڪٿي حُضور جا پيارا پيارا، سهڻا سهڻا مبارڪ چپَ...!! هي سوچي ڪري مون حياء سبب پنهنجو چهرو جهڪائي ورتو، پر سراپا حسنُ و جمال بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ئي منهنجي ڳلن(Cheeks) کي چمي ورتو...!!
حضرت مُحمد بن سَعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مونکي هن ڪرم نوازي سان نوازيو ئي هو ته منهنجي اک کُلي وئي، منهنجي گهرواري (Wife) جيڪا ويجهو ئي سُتل هئي، اها به جاڳي پئي،