Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

(2): ٻئي قِسم جون آيتون اهي آهن جن ۾ شَفاعت جو ثبوت آهي. مثال طور سيپارو: 3، سورتِ بقره، آيت: 255 ۾ آهي:

 

مَنْ ذَا الَّذِیْ یَشْفَعُ عِنْدَهٗۤ اِلَّا بِاِذْنِهٖؕ

ترجموڪنزُالعرفان: ڪير آهي جيڪو ان وٽ ان جي اجازت کان سواءِ سفارش ڪري؟

هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته قيامت واري ڏينهن اهي ماڻهو شفاعت ڪندا، جن کي الله پاڪ اجازت (Permission) عطا فرمائي آهي.

   هاڻي هنن ٻنهي قسمن جي آيتن جي وضاحت ڇا آهي؟ هنن ۾ فرق ڇا آهي؟ توجھ سان ٻڌندا! شَفاعت 2 قسمن جي هوندي آهي: (1): هڪ آهي جبر واري شفاعت. زور زبردستي واري شفاعت، جيئن هن دنيا ۾ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن * پنهنجي عهدي جي بنياد تي * پنهنجي نالي ۽ منصب جي بنياد تي * پنهنجي پيسي جي بُنياد تي سفارش ڪندا آهن ۽ سامهون واري کي نه چاهيندي به انهن جي سفارش مڃڻي پوندي آهي. هي جبر واري شفاعت آهي، اهڙي شفاعت قيامت جي ڏينهن ڪير به نه ٿو ڪري سگهي، ڇوته الله پاڪ ڪنهن جو محتاج ناهي، ان تي ڪو به پنهنجو حڪم نه ٿو هلائي سگهي، هو پاڪ ربّ ڪنهن جي سامهون مجبور نه آهي. تنهنڪري اهي آيتون جن ۾ شفاعت جي نَفي ڪئي وئي آهي، هي فرمايو ويو آهي ته قيامت واري ڏينهن ڪا شفاعت نه آهي، هن مان مُراد آهي: جَبر واري شفاعت ڪوبه نه ڪري سگهندو. (2): ٻئي هوندي آهي: شَفاعت بِالۡاِذۡن. يعني اجازت واري شَفاعت. هن جو هي مطلب آهي ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جا پيارا ٻانها * پنهنجي محبوبِيت جي وجھ سان * الله پاڪ وٽ پنهنجي مرتبي ۽ مقام جي وجھ سان * الله پاڪ جو پيارو هجڻ جي ڪري الله