Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

عورتن جي گناھن جي معافي گھرو.

 الله! الله! هن آيتِ ڪريمه ۾ ربّ رحمٰن، پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي حڪم ڏئي رهيو آهي ته اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مُسلمان مردن ۽ مسلمان عورتن جا گناھ مون کان بخشرايو!

  هاڻي ٻڌايو! گناھ بخشرائڻ کي ئي ته شَفاعت چوندا آهن. ۽ شفاعت ڪنهن شيءِ جو نالو آهي؟ ڇا محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُتعلق هي گمان ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي ربّ جي حڪم تي عمل نه ڪندا؟ هرگز نه ٿو ٿي سگهي. ربَّ حڪم ڏنو آهي: اي محبوب! پنهنجي غلامن جا گناھ بخشرايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جا آقا اسان جا گناھ بخشرائي ڇڏيندا.

یارسولَاللہ! مجرم حاضرِ دربار ہے                                                                              نیکیاں پلّے نہیں سر پر گُنہ کا بار ہے

تم شہِ ابرار،  یہ سب سے بڑا عِصیاں شِعار          یوں شَفاعت کا یِہی سب سے بڑا حقدار ہے([1])

سيپارو: 15 سورت بني اسرائيل، آيت: 79 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

عَسٰۤى اَنْ یَّبْعَثَكَ رَبُّكَ مَقَامًا مَّحْمُوْدًا(۷۹)

ترجمو ڪنزالعرفان: " عنقريب اوهان جو رب اوهان کي اهڙي مقام تي فائز ڪندو جتي سڀئي اوهان جي تعريف ڪندا.

 حديثِ پاڪ ۾ آهي: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مقامِ محمود ڇا آهي؟ فرمايائون: هُوَالشَفاعَةُ اها شَفاعت آهي.


 

 



[1]... وسائلِ بخشش ، صفحہ:471ملتقطاً۔