Book Name:Rah e Najat
هي آهي انسان جي اصل قدر ۽ قيمت...!! هي آهي انسان جي اهميت...!! انسان جانورن جيان فطرتي ڪائنات جو حصو (Part of Natural world) نه بلڪه هن دنيا ۾ رب پاڪ جو خليفو ۽ هن دنيا جو رکوالو آهي. انسان ئي اهو آهي جنهن جي لاءِ سج، چنڊ تارن کي ڪم تي لڳايو ويو آهي، انسان ئي آهي جنهن جي لاءِ زمين جي هر شيءِ مُسخر ڪئي وئي آهي.
ڪيتري حيراني جي ڳالھ آهي، جن جي دعوا آهي ته اسان سڀ ڪجھ عقل سان ڪري سگهون ٿا، اهي اڃان تائين پاڻ کي، پنهنجي صلاحيتن کي، پنهنجي اهميت کي ته سڃاڻي ناهن سگهيا، اڃا ڇا ڪري سگهندا. هيءَ حقيقت آهي ته انسان کي ان جي اصل قدر ۽ قيمت، ان جي اصل اهميت ۽ درست سڃاڻپ به دين ئي جي ذريعي ملي آهي. ڊاڪٽر اقبال چيو هو:
خُودی کا سِرِّ نِہَاں لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ
خُودی ہے تیغِ فُسَاں لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ([1])
وضاحت: خودي مان مُراد آهي: انسان جي حقيقت، ان جون لڪيل صلاحيتون، ان جي قدر ۽ اهميت. مطلب هي آهي ته انسان جي حقيقت ۽ ان جي صلاحيتن جو لڪيل راز لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ۾ آهي. جيستائين انسان لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ چئي ڪري (يعني ڪلمو پڙهي ڪري) پاڻ کي مڪمل طور تي الله ۽ رسول جي حوالي ناهي ڪري ڇڏيندو، ان وقت تائين ان جون صلاحيتون لڪيل رهنديون آهن، انسان جيڪو اشرفُ المخلوقات آهي، جيستائين هي دين جي تابع نه ٿي وڃي، تيستائين هي پاڻ کي پوري طرح سڃاڻي ناهي سگهندو: