Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

وہ دانائے سُبُل، خَتْمِ رُسُل، مَوْلَائے کُل جس نے

غُبَارِ راہ کو بخشا فروغِ وادِئ سِینا([1])

وضاحت: يعني اهي هدايتن جي راھ ڄاڻڻ وارا، آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي سڀني جا آقا ۽ مولا آهن، هي سندن ئي جي بُلند ذات آهي، جن رستن جي ذرن کي قابل رشڪ بڻائي ڇڏيو آهي.

 اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي جي بازارن ۾ ويندا ۽ اعلان ڪندا هئا: یَااَیُّہَا النَّاسُ! قُوْلُوْا لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ تُفْلِحُوْا  اي انسانو! چئو! لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ (يعني اسلام قبول ڪيو) ڪامياب ٿي وڃو![2] تاريخ گواھ آهي ته هدايت جي صدا تي جنهن جنهن لبيڪ چيو، اهو ترقي ۽ عروج جي ان بُلندي تي پهتو جو جنهن جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ جنهن هن جو انڪار ڪيو اهو ذلت ۽ رسوائي جي کڏي ۾ ڪِري پيو. ڏسو! * ابوجهل انڪار ڪيو، اڄ ابو جهل ڪاٿي آهي؟ ان جو نالو نشان ئي باقي نه آهي، حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڪلمو پڙهيو، ڪهڙي بُلندي تي پهتا...!! * ابو  لهب انڪار ڪيو، تباھ ۽ برباد ٿي ويو، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڪلمو پڙهيو، اهڙي بُلند مرتبي وارا ٿيا جو اڄ جا بي دين به سندن سيرت مان سبق سکندا آهن * عُتبه، شَيبه وغيره مڪي جي سردارن انڪار ڪيو، اڄ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير به ناهي، حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حبشه سان تعلق رکندا هئا، پاڻ ڪلمو پڙهيو، پوءِ اهو وقت به زماني ڏٺو ته پاڻ ڪعبي جي ڇت تي بيهي ڪري اذان ڏئي رهيا هئا.


 

 



[1]...کلیاتِ اقبال، بالِ جبریل، صفحہ:363۔

[2]...الزہد لابن المبارک، الجزء التاسع، صفحہ:334، حدیث:116۔