Book Name:Rah e Najat
خبر پئي: هي دين آهي، هي الهامي هدايت آهي، هي رب جي موڪليل رهنمائي آهي، ان جي هدايت جي بغير ڪامياب زندگي گذارڻ ته تمام پري جي ڳالھ آهي، انسان پاڻ کي به پوري طرح ناهي سڃاڻي سگهندو.
هي صرف هڪ مثال عرض ڪيو آهي، ان کان علاوه ڪيترائي مسئلا آهن جن تي انسان هزارين سالن تائين عقل آزمايو، پوءِ به انهن مسئلن جو حل نه نڪري سگهيو، هي صرف الله پاڪ جو موڪليل دين آهي جيڪو انهن مسئلن جو درست حل عطا ڪندو آهي * مثال طور نِسوانيت (Feminism) يعني عورتن جي حقن جا مسئلا. صدين کان وٺي انسان ان جو حل ڳوليندو رهيو آهي، ارسطو ۽ افلاطون جهڙن فلسفين ان تي دماغ وڙهايو ته عورت جي معاشري ۾ ڇا اهميت آهي * نتيجي ۾ عورت کي ڪنهن نانگ چيو * ڪنهن ان کي شيطان چيو * ڪڏهن ان ويچاريءَ کي ظلم ۽ ستم جو نشاڻو بڻايو ويو * ڪڏهن ويچاريءَ جي عزت کي پائمال ڪيو ويو ۽ اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ ڏسو، هي عقل پرست، دين کان بيزار غير مُسلم...!! انهن عورت کي صرف اشتهار بڻائي رکيو آهي. هي صرف دين آهي، اسلام آهي جنهن ٻڌايو ته * عورت ڌيءَ آهي ته رحمت هوندي آهي * جيڪڏهن ڀيڻ هجي ته عزت هوندي آهي * جيڪڏهن ماءُ هجي ته انهن جي پيرن هيٺان جنّت هوندي آهي * جيڪڏهن گهرواري بڻجي ڪري گهر اچي وڃي ته ان جي ذريعي ماڻهو جو اڌ ايمان محفوظ ٿي ويندو آهي * اهڙيءَ طرح معاشيات جو مسئلو...!! پيسا ڪمائڻ ڪيئن آهن؟ خرچ ڪيئن ڪرڻو آهي؟ هي مسئلو به صدين کان زيرِ بحث رهيو پر عقل ان جو ڪو حل نه ڪڍي سگهيو، مارڪس ازم، ڪيپيٽل ازم وغيره جهڙا ڪيترا ئي انقلاب آيا، ڪيئن ڪيئن تحريڪون اُڀري آيون، پر مسئلو اتي جو اتي ئي آهي، جيڪي غريب هئا، ويتر غريب ٿيندا پيا وڃن،