Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
یہی تجھ کو دُھن ہے رہوں سب سے بالا ہو زینت نرالی ہو فیشن نرالا
جیا کرتا ہے کیا یونہی مرنے والا تجھے حُسنِ ظاہر نے دھوکے میں ڈالا
جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! موت تي واقعي ڪو به ڀروسو ناهي، نه ڄاڻ ڪڏهن اچي وڃي، تنهنڪري نيڪيون ڪمائڻ ۾ جلدي ڪريو! هڪ پل به ضايع ڪرڻ جي بغير وڌ کان وڌ نيڪ عملن جو خزانو گڏ ڪندا وڃو، ڇوته آخرت لاءِ جيتريون به نيڪيون ڪيون وڃن گهٽ آهن. حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هر مرڻ وارو افسوس ڪندو آهي. پڇيو ويو: ڪهڙي سبب جي ڪري؟ فرمايائون : جيڪڏهن هو نيڪ آهي، ته افسوس ڪندو آهي ته ڪاش! نيڪ عملن اڃان وڌيڪ ڪيان ها ۽ جيڪڏهن گنهگار آهي ته افسوس ڪندو ته ڪاش! گناهه ڇڏي ڏيان ها.([1])
ہائے حُسنِ عمل نہیں پلّے حَشْر میں میرا ہو گا کیا یَارَبّ!
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یارَبّ!
کر دے جنّت میں تُو جَوار اُن کا اپنے عطّار کو عطا یارَبّ!
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان دنيا جي هر ڪم ۾ چُستي ڏيکاريندا آهيون ، پر نيڪ عملن ۾ سُستي ٿي ويندي آهي. * کاڌو کائڻ لاءِ