Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

معلوم ٿيو ته هيءَ انبياءِ ڪرام عليهم السلام جي پياري پياري سنت آهي ته ٻانهو نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪري، نيڪي جو ڪم هجي ته  اڄ جو اڄ بلڪه هاڻي جو هاڻي ڪري.

صدقو ڪرڻ ۾ جلدي ڪئي

صحابي رسول حضرت عقبہ بن حارث رضي الله عنہ فرمائن ٿا : هڪ ڀيري مون عصر جي نماز مسجد نبوي شريف ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان ادا ڪئي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جيئن ئي سلام ڦيرايو، فوراً اُٿيا ۽ تڪڙا تڪڙا گهر ڏانهن روانا ٿي ويا، اهو عادت جي خلاف انداز ڏسي صحابهءِ ڪرام گهٻرائجي ويا، اڃان ٿوري ئي دير گذري هئي ته پاڻ  سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واپس تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: مون کي ياد آيو ته سون جو هڪ ٽڪرو گهر ۾ رکيل آهي، بس ان کي پاڻ وٽ رکڻ مون کي ناپسند لڳو، تنهنڪري ان کي صدقو ڪرڻ جو حڪم ڏئي آيو آهيان.([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا شان آهي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو...!!

صحابهءِ ڪرام جو نرالو عشق

ھن حديث پاڪ تي غور ڪريو! صحابهء ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو عشق ڪيڏو نه نرالو هو، جو انهن بلند رُتبي وارين هستين جي سموري توجہه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ادائن تي هوندي هئي، جڏهن به ڪو عمل مبارڪ معمول کان هٽي ڪري ٿيو، فوراً ان جي حڪمت معلوم ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳي ويندا هئا. حجة الوداع جو موقعو هيو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ميدانِ عرفات ۾ هئا، مسلمانن جا پهريان ۽ ٻيا خليفا حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا به گڏ حاضر هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوچتو مرڪيا، اهو ڏسي ٻنهي صحابين عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ


 

 



[1]...   بخاری، کتاب الاذان، باب من صلی بالناس...الخ، صفحہ:266، حدیث:851۔