Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
هتي پاڪستان ۾ هڪ مناسب قد ڪاٺ واري اٺ جي قيمت اڍائي کان ٽي لک روپيا آهي ۽ آنو 30 کان 40 روپيا ۾ ملي ٿو. ڏسو ڪيترو فرق آهي؟ هي ته مان اندازو ٻڌائي رهيو آهيان، الله پاڪ جو خزانو ته تمام وڏو آهي، اتي هيءَ هڪ ٻن روپين جي ڳڻپ ته ناهي مطلب ڪيڏو عظيم ثواب آهي، جيڪو اسان صرف سُستي جي ڪري ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون. بلڪل اهڙي طرح جماعت جو معاملو آهي باجماعت نماز جو ثواب 27 دفعا وڌيڪ آهي پر اسان صرف سستي ڪري هاڻي پڙهان ٿو، هاڻي پڙهان ٿو، ڪندي هيڏو سارو ثواب وڃائي ڇڏيندا آهيون.([1])
باجماعت نماز پڙهڻ جو عجيب جذبو
اڳين مسلمانن کي باجماعت نماز پڙهڻ جو بيمثال جذبو هوندو هو، جيئن حضرت امام ابو حامد محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: (پاره 18، سورۂ نور، آيت نمبر 37 ۾ الله پاڪ جو فرمانِ عالي شان آهي:)
رِجَالٌۙ-لَّا تُلْهِیْهِمْ تِجَارَةٌ وَّ لَا بَیْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ وَ اِقَامِ الصَّلٰوةِ وَ اِیْتَآءِ الزَّكٰوةِ ﭪ--
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي مرد جن کي تجارت ۽ خريد و فروخت، الله جي ذڪر ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل نه ٿا ڪن.
هن آيتِ مبارڪ جي تفسير ۾ لکيل آهي ته: هي اهي ماڻهو هئا جن مان * جيڪڏهن ڪو لوھار ھوندو ھو اھو جيڪڏهن ڌڪ هڻڻ لاءِ ھٿوڙو مٿي کڻي چڪو ھوندو هو ۽ اذان جو آواز ٻڌندو هو ته ھٿوڙو لوهه تي ھڻڻ بجاءِ فوراً رکي ڇڏيندو ھو * ۽ چمڙي جو ڪم ڪرڻ وارو جيڪڏهن چمڙي ۾ سُئي وجهي رهيو هوندو هو ۽ آذان جو آواز سندس ڪنن تي پوندو هو ته سُئي چمڙي مان ٻاهر ڪڍڻ بنا چمڙو ۽ سئي اتي ئي ڇڏي باجماعت نماز لاءِ مسجد