Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

*  حضرت انس رضي اللہُ عنہ فرمائن ٿا: پيارا  آقا، مديني وارا مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڪثر پنهنجي مٿي مبارڪ ۾ تيل لڳائيندا هئا ۽ ڏاڙهي مبارڪ کي ڦڻي ڏيندا هئا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) ٻڌندا هئا، ايتري تائين جو اهو ڪپڙو تيل سان تَر ٿي ويندو هو.Top of Form

Bottom of Form

([1])

تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا                                          صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو

وضاحت: اي رضا! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زلفن مان جيڪي تيل جا قطرا ڪري رهيا آهن، مون کي اهو منظر ائين لڳي رهيو آهي جيئن تارن ڀري رات چهرهء مصطفى تي، رخِ وَالضُّحٰي تي ستارا نڇاور ڪري رهي آهي. 

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب بہارِ شريعت جلد 3 حصو: 16، ۽ اميرِ اهلِسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن وارو رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد ڪري پڙهو، سنتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان سنتن ڀرپور سفر پڻ آهي.

رَبّ کے در پر جھکیں التجائیں کریں                                            بابِ رحمت کُھلیں قافلے میں چلو

عاشقانِ رسول ان سے رحمت کے پھول                       آؤ لینے چلیں قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]...550 سنتیں اور آداب ، صفحہ:41 تا43 ملتقطاً۔