Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اها ڪيڏي نه خوبصورت نصيحت آهي، ڪيڏي نه دل تي چوٽ ڪندڙ ڳالهه آهي، واقعي اسان پاڻ غور ڪيون، اهي ماڻهو، جيڪي دنيا مان وڃي چڪا آهن ۽ قبرن ۾ آرامي آهن، انهن جا عمل سٺا هئا يا خراب هئا، اهي پنهنجن عملن کي ڏسي چڪا. هاڻي توهان ئي ٻڌايو! انهن قبرن ۾ ليٽيل ماڻهن جي سڀني کان وڏي خواهش ڪهڙي هوندي.....؟ قرآنِ پاڪ جي آيت ٻڌو! الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: جيڪي مجرم آهن، اهي پنهنجي ربّ جي حضور ڪنڌ جهڪائي بيٺا هوندا ۽ عرض ڪندا: اي الله پاڪ!
فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِحًا (پارہ:21، سورۂ سجدہ:12)
ترجمو ڪنزالعرفان: تون اسان کي واپس موڪل ته جيئن نيڪ ڪم ڪيون.
هيءَ آهي مرڻ وارن جي خواهش...!! اهي ماڻهو، جيڪي دنيا مان پردو ڪري ويا، انهن جي تمنا...!! ڪاش! هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا ۾ وڃڻ نصيب ٿي وڃي * هاڻي ته اسان زندگي جو هڪ هڪ لمحو نيڪين ۾ گذارينداسين* ڏينهن رات نيڪين ۾ مشغول رهنداسين* هڪ به گناهه نه ڪنداسين* گناهن جي ويجهو به نه وينداسين. پر افسوس!
اب پچھتائے کیا ہوت جب چڑیاں چگ گئیں کھیت
* عمل جو وقت ته گذري ويو * ساهه عطا ڪيو ويو هو
* زندگي بخشي وئي هئي * عمل جو موقعو مهيا ڪيو ويو هو
* مبلغن نيڪيءَ جي دعوت به ڏني
هئي * سمجهائڻ وارا سمجهائيندا به رهيا
* هر روز کڄندڙ جنازا پنهنجي حالت ذريعي ٻڌائيندا به رهيا ته: اي ٻانها...!! غور ڪر...!!