Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

ضرور شرڪت ڪيو. Top of Form

Bottom of Form

 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ گذارڻ جا چند آداب پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو : مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ    جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

زُلفَ ۽ مٿي جي وارن جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخری نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن کي وار هجن، اهو انهن جي عزت ڪري.([2]) يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڦڻي ڏئي.

پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا وار مبارڪ ڪڏهن اڌ ڪن تائين * ڪڏهن ڪن جي پاپڙيءَ تائين ۽ * ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي چمندا هئا * اسان کي گهرجي ته موقعي جي مناسبت سان  ٽنهي سنتن تي عمل ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين، ڪڏهن پوري ڪن تائين ۽ ڪڏهن ڪلهن تائين وار رکون * ڪجھه ماڻھو ساڄي يا کَاٻي پاسي سِينڌِ ڪڍندا آهن اهو سنت جي خلاف آهي * سنت اها آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سِينڌِ ڪڍڻ گهرجي مرد کي اختيار آهي ته مٿي جا وار ڪُوڙائي يا رکرائي ۽ سِينڌِ ڪڍي


 

 



[1]...تاریخِ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]... ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163 ۔