Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ ڊائون لوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪجهه ضروري اعلان

* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي نمازِ عشاء کان پوءِ (تقريباً 8:15 وڳي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ اميرِ اهلِسنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به عطا فرمائيندا سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ريو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت  ڏيو * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي به  ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ بزرگانِ دين (رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ) جا 40 اقوال “ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به پڙهڻ لاءِ ترغيب ڏيو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا، اهي به الله جي رضا ۽ ثواب لاءِ اهو رسالو ٻين سان شيئر (Share) ڪن! * حضرت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، جن جي ولايت جو چرچو سڄي دنيا ۾ آهي، ماڻهو انهن سان عقيدت رکن ٿا ۽ سندن مزار تي حاضري ڏين ٿا، الله پاڪ انهن کي تمام وڏو مقام ۽ مرتبو عطا ڪيو آهي، سندن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ رسالو فيضانِ خواجه غريب نواز ۽ ڪراماتِ خواجه غريب نواز پڙهو. اهي رسالا مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان صرف 20 رپين ۾ خريد ڪري پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو! * رجب المرجب جي 6 تاريخ  تي خواجه غريب نواز حضرت معين الدين حسن سنجري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو عرس پاڪ  ملهايو ويندو آهي،  الحمد لله! عاشقانِ اولياء جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت ڪيترين ئي جاين تي اجتماع منعقد ٿيندا  آهن. سڀئي اسلامي ڀائر پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٿيندڙ انهن اجتماعن ۾