Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
مطلب هي آهي ته دنيا ۾ اسين اهو ئي چوندا هئاسين ته سڀاڻي ڪري وٺندس، سڀاڻي ڪري وٺندس، اهو جيڪو انداز هيو ان تي حيف آهي جنهن اسان کي نيڪ عملن کان پري ڪري ڇڏيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڪيڏي نه عبرت جهڙي ڳالهه آهي، جو ڪيترائي ماڻهو جهنم ۾ ان ڪري ويندا جو هو دنيا ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندا رهيا اڄ جو اڄ نيڪين لاءِ سَندِرو نه ٻڌائون. افسوس! اسان جو حال به اهڙو ئي آهي. اسان جي ذهنن ۾ ڪيترائي منصوبا(Plans) هوندا آهن، اسان جي دلين ۾ ڪيترائي خواب هوندا آهن، اسان روزانو پنهنجي مستقبل لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيندا آهيون، ڪيترائي نوان نوان منصوبا جوڙيندا آهيون پر افسوس! نيڪ ڪمن جا منصوبا نه جوڙيندا آهيون، اسان کي مرڻو به آهي، قبر ۾ لهڻو به آهي، الله پاڪ جي اڳيان حاضر به ٿيڻو آهي، ان معاملي ۾ اسان هميشه غفلت کان ڪم وٺندا رهندا آهيون. پر ياد رکو! جڏهن ملڪ الموت، حضرت عزرائيل عليه السلام تشريف کڻي ايندا، ته ان کان پوءِ نه ڪو منصوبو رهندو، نه ڪو خواب ئي باقي رهندو، تڏهن صرف هڪ ئي شيءِ باقي رهجي ويندي ۽ اُهو اسان جو عمل هوندو. تنهنڪري اسان کي هن دنيا ۾ اڳتي هلي ڇا ڪرڻو آهي: سٺو گهر، سٺي گاڏي، سٺو ڪاروبار، اهو سڀ ڪجهه اسان جي دنياوي مستقبل جي سوچ آهي، پر اسان جو عمل اسان جي اڄ جي ذميواري (Resonsibility) آهي. اسان پنهنجي دنيوي مستقبل تائين پهچي سگهون ٿا يا نه، ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، پر اسان کي قبر ۾ ضرور وڃڻو آهي، ۽ پنهنجن عملن سان گڏ وڃڻو آهي اهو هر مسلمان ڄاڻي ٿو. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان اڄ کان بلڪه هاڻي کان ئي پنهنجن عملن جو فڪر ڪرڻ شروع ڪيون!
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 7 شين کان پهريان نيڪ عمل ۾ جلدي ڪريو ! توهان ڪهڙي انتظار ۾ آهيو؟ ڇا اهو ته (1): وِساري