Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

جمعو ادا ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڌيڪ ثواب ملندو. Top of Form

Bottom of Form

 

جمعي  جي  لاءِ  جلدي  نڪرڻ  حج  آهي

آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ، توهان جي لاءِ هر جمعي جي ڏينهن ۾ هڪ حج ۽ هڪ عمرو آهي، تنهنڪري جمعي جي نماز لاءِ جلدي نڪرڻ حج آهي ۽ جمعي جي نماز کان پوءِ عصر جي نماز جو انتظار ڪرڻ عمرو آهي.([1])

فرشتا  خوشنصيب  ٻانهن  جا  نالا  لکندا  آهن

رسولِ ہاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن جمعي جو ڏينهن ايندو آهي ته ملائڪ مسجد جي دروازي تي مسجد ۾ اچڻ وارن جا نالا لکندا آهن، جيڪو پهريان ايندو آهي، ان کي پهريان لکندا آهن * جلدي اچڻ وارو ان شخص جيان آهي، جيڪو الله پاڪ جي راهه ۾ هڪ اُٺُ صدقو (يعني خيرات) ڪري ٿو * ان کان پوء اچڻ وارو ان شخص جيان آهي، جيڪو هڪ ڳئون صدقو ڪري ٿو * ان کان پوء اچڻ وارو شخص ان شخص مثل آهي جيڪو رِڍَ يا گَھيٽو صدقو ڪري ٿو* ان کان پوءِ اچڻ وارو ان شخص جيان آهي، جيڪو مرغي صدقو ڪري ٿو * اڃان بعد ۾ اچڻ وارو ان شخص جيان آهي، جيڪو  آنو صدقو ڪري ٿو* ۽ جڏهن امام خطبي جي لاءِ ويهندو آهي ته فرشتا نالا لکڻ بند ڪندا آهن ۽ مسجد ۾ اچي خطبو ٻڌندا آهن.([2])

سُبْحٰنَ اللہ! ڏسو! ڪيڏي نه سعادت جي ڳالهه آهي، جمعي جي لاءِ جلدي اچڻ هڪ اٺ صدقو ڪرڻ جو ثواب آهي ۽ دير سان اچڻ، اهو به ان وقت جڏهن اڃان خطبو شروع نه ٿيو هجي ته هڪ آنو صدقو ڪرڻ جو ثواب آهي، اسان وٽ


 

 



[1]...السنن الکبریٰ للبیہقی، کتاب الجمعہ، باب ذکر ما روی...الخ، جلد:3، صفحہ:638، حدیث:5950۔

[2]...بخاری، کتاب الجمعہ، باب الاستماع الی الخطبہ، صفحہ:281-282، حدیث:929۔