Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
هڪ ٽڪرو موجود هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهو صدقو ڪرڻو هو، اهو به ممڪن هو ته نماز کان پوءِ معمول موجب ويهن ها، دعا گُهرن ها، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان ملاقات ڪن ها پوءِ اهو سون صدقو ڪيو وڃي ها پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اسان کي اهو سبق ڏنو ۽ صدقو ڪرڻ ۾ ٿوري به دير پسند نه فرمائي فوراً صدقو ڪري ڇڏيو.
الله! الله! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته سراپا نيڪي آهن، انهن کان ته نيڪي کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي بلڪه پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته اهي آهن جن جي ادائن کي اپنائڻ افضل نيڪي آهي، ان هوندي به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صدقو ڪرڻ ۾ جلدي فرمائي. معلوم ٿيو ته نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ طريقو آهي، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته نيڪين ۾ جلدي ڪيون، جيئن ئي موقعو ملي ته ڏينهن، ڪلاڪَ ۽ منٽ ته پري جي ڳالهه آهي، هڪ سيڪنڊ به انتظار نه ڪيو، فوراً اها نيڪي ڪري ڇڏيو.
الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ارشاد آهي: مَنْ فُتِحَ لَہٗ بَابٌ مِّنْ خَیْرٍ جنهن لاءِ ڀلائي جو دروازو کوليو وڃي، فَلْیَنْتَہِزْہُ ته ان کي گهرجي ته ڊوڙِي ڪري ڀلائيءَ جي اُن دروازي ۾ داخِل ٿي وڃي، فَاِنَّہٗ لَا یَدْرِیْ مَتیٰ یُغْلَقُ عَلَیْہِ ڇو ته کيس خبر ناهي ته اهو دروازو هن لاءِ ڪڏهن بند ڪيو ويندو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! * اسان زندهه آهيون، اهو ڀلائيءَ جو دروازو آهي * اسان جو ساهه هلي رهيو آهي، اهو ڀلائيءَ جو دروازو آهي * اسان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏني وئي، اهو ڀلائيءَ جو دروازو آهي * دل ۾ نيڪي جي خيال جو