Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

ڇڏيندڙ محتاجي اچي وڃي؟ (2): يا سرڪش بڻائيندڙ شاهُوڪاري اچي وڃي؟ (3): يا توهان کي ڪو مرض وَڪوڙي وڃي؟ (4): يا عقل ضايع ٿيڻ واري پوڙهائپ اچي وڃي؟ (5):يا اوچتو موت اچي وڃي؟ (6):يا دَجال ظاهر ٿي پئي؟ (7): يا قيامت قائم ٿي وڃي؟ ۽ قيامت سخت مصيبت واري ۽ بي حد ڪَوڙِي آهي. ([1])

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترو خوبصورت سبق ڏنو ويو آهي. واقعي ائين ئي ٿيندو آهي، * انسان آخرت جي معاملي ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندو رهندو آهي   * پوءِ ڪڏهن تنگدستي اچي ويندي آهي ۽ ٻانهو ڪمائڻ ۾ مشغول ٿي ويندو آهي * يا وري مال تمام گهڻو گڏ ٿي ويندو آهي ۽ ٻانهو ان جي سنڀال ۾ لڳي ويندو آهي * يا وري بيمار ٿي پوندو آهي، ايئن ئي سڀاڻي سڀاڻي ڪندو ضعيف ٿي ويندو آهي پوءِ جسم ۾ طاقت ئي ناهي رهندي، سجدو ڪرڻ به چاهي ته ڪري ناهي سگهندو * ۽ ڪيترائي اهڙا هوندا آهن، جيڪي سڀاڻي سڀاڻي چوندا رهندا آهن، سڀاڻي کان نيڪيون شروع ڪندس، فلاڻي ڏينهن کان نيڪيون شروع ڪندس پر افسوس! اوچتو موت اچي ويندو آهي ۽ ٻانهو نيڪ عمل ڪرڻ کان سواءِ ئي قبر ۾ هليو ويندو آهي، تنهنڪري ان کان پهريان جو اهڙي حالت ٿئي اسان کي نيڪ عَمَلَ شروع ڪرڻ گهرجن.

نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ نبين جي سنت آهي

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ انبياء ڪرام عليهم السلام جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جون وصفون بيان ڪيون آهن، انهن مان هڪ وصف هي به بيان ڪئي وئي آهي:

اِنَّهُمْ كَانُوْا یُسٰرِعُوْنَ فِی الْخَیْرٰتِ (پارہ:17، سورۂ انبیاء:90)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اهي نيڪين ۾ جلدي ڪندا هئا.


 

 



[1]...   ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء فی المبادرۃ بالعمل، صفحہ:553، حدیث:2306 ۔