Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

ڪڏهن به نه چوندا آهيون ته سڀاڻي کائيندس پر نماز لاءِ چوندا آهيون ته رمضان کان شروع ڪندس. * پئسن ڪمائڻ جي ڳالهه هجي ته چوندا آهيون اڄ جو اڄ ڪمائڻا آهن، دل چاهيندي آهي ته صبح جو سج نه نڪري، مان راتو رات ئي امير ٿي وڃان پر نيڪ عملن جي باري ۾ خيال ايندو ته دل چوندي آهي اڃان ته زندگي پئي آهي، نيڪيون به ڪري وٺندس * ٻاهرين ملڪ جي ويزا لڳائڻي هجي، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻو هجي، دنيوي لحاظ کان ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻو هجي ته ذهن اهو بڻجندو آهي: سڀاڻي جو ڪم اڄ ۽ اڄ جو ڪم هاڻي ڪيان. پر نيڪين ڪرڻ وقت دل ۾ خيال ايندو ته اڄ ٿڪجي پيو آهيان، اڄ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، اڄ دل نٿي چئي، سڀاڻي کان، ٻئي ڏينهن کان، يا ايندڙ جمعي کان شروع ڪندس.

افسوس! نيڪين جي معاملي ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندي زندگي جا ڪيترائي سال گذري ويا، پر اها صبح نه آئي، نه ايندي، پر  ان جي ابتڙ اسان قبر ۾ هليا وينداسين، پوءِ پڇتائيندا ئي رهجي وينداسين. صحابيءِ رسول، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: تسويف (يعني اهو سوچڻ ته جلد ئي نيڪيون ڪري وٺندس. اها سوچ) شيطان جي لشڪر مان هڪ وڏو لشڪر آهي۔ افسوس! شيطان عام طور تي ان جي ذريعي انسان کي دوکي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي.([1])

جهنم وارن جون دانهون

حضرت عبد الله بن مبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي اها ڳالهه پهتي آهي ته اڪثر ئي دوزخين جي پڪار هي هوندي: ‌اُفٍّ ‌لِسَوْفَ، ‌اُفٍّ ‌لِسَوْفَ (يعني حَيف آهي سڀاڻي تي، حَيف آهي سڀاڻي تي). ([2])


 

 



[1]...موسوعہ ابن ابی دنیا،کتاب قصر الامل،  جلد:3، صفحہ:349، حدیث:208۔

[2]...موسوعہ ابن ابی دنیا،کتاب قصر الامل،  جلد:3، صفحہ:351، حدیث:217۔