Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

لائيو (Live) ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو عقيدن ۽ عملن جي اصلاح جو بهترين ذريعو آهي: * الحمد لله! هن وقت تائين ڪيترائي غيرمسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪا آهن. * بي نمازي نمازي بڻجي چڪا آهن. * هزارين دلين جي اصلاح ٿي چڪي آهي.

 توهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين حاصل ٿيندو * الله جي محبت نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي * نيڪيون ڪرڻ جو جذبو ملندو * اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي. سڀئي اسلامي ڀائر مدني مذاڪرو پابندي سان ڏسڻ جي نيت ڪيو!

علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

پنجاب، پاڪستان جي شهر واہه ڪينٽ (ضلع راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي ته : نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ گانا باجا ٻڌي مست رهڻ منهنجو معمول هوندو هو. افسوس! مان سنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هئس، منهنجي گناهن سان ڀريل زندگي ۾ روشني ايئن آئي جو هڪ ڏينهن منهنجي ملاقات دعوت اسلامي جي هڪ مبلغ سان ٿي وئي، انهن مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنت اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جو ذهن (Mindset) ڏنو، انهن جي خوبصورت انداز ۾ ڏنل نيڪيءَ جي دعوت منهنجي دل تي اثر (Effect) ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا ڏينهن ۽ راتيون عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيانن ۽ رِقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي، وڌيڪ ڪرم اهو ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف دوران مون کي اميرِ اهلِسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، سندن اثرائتي ارشادن مون کي ايتري قدر متاثر (Impress) ڪيو جو مان فوراً پنهنجن سڀني گناهن کان توبهه ڪئي ۽ نماز جي پابندي ڪرڻ جو عزم ڪيو، اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب