Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

6 ڪمن ۾ جلدي ضروري آهي

بزرگانِ دين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جو فرمان آهي: جيتوڻيڪ جلد بازي ڪرڻ شيطاني عمل آهي، پر 6 ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ ضروري آهي : (1) نماز جي ادائيگي ۾، جڏهن ان جو وقت ٿي وڃي (2) ميت کي دفن ڪرڻ ۾، جڏهن موجود هجي (3) جڏهن ڇوڪري بالغ ٿي وڃي، ته ان جي شادي ۾ جلدي ڪئي وڃي (4) قرض به جلدي ادا ڪيو وڃي (5) جڏهن مهمان اچي ته ان کي جلد کاڌو کارايو وڃي (6) جڏهن گناهه ٿي وڃي ته توبہه ڪرڻ ۾جلدي ڪئي وڃي.([1])

اميري عطا ٿي وئي

  اڳين امتن جو واقعو آهي ته بني اسرائيل ۾ ٻه زال مڙس هئا، ٻئي تمام گھڻا نيڪ ۽ عبادت گذار هئا الله پاڪ ان وقت جي نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ذريعي انهن ڏانهن پيغام موڪليو ته توهان کي جواني ۾ يا پِيرِيءَ ۾ اميري عطا ڪئي ويندي، هاڻي هي فيصلو توهان ڪيو ته  جواني ۾ امير ٿيند يا پِيريءَ ۾؟ ٻئي سوچڻ لڳا، مڙس چيو: جواني ۾ ڇوته طاقت آهي لهٰذا هاڻي اميري وٺون ٿا، ڪمائڻ جي فِڪر کان آزاد ٿي خوب دل لڳائي عِبادت ڪنداسين، زال چيو: نه...!! جواني ئي عِبادت جو اصل وقت آهي، جيڪڏهن هاڻي کان ئي مال سنڀالڻ ۾ لڳي وياسين ته عِبادت کان رهجي وينداسين، پوڙهائپ جي اميري وٺون ٿا، ان وقت مال جو حِرْص به گهٽ هوندو ۽ ڪمائڻ جو فڪر به نه رهندو، ايئن پيريءَ ۾ به عبادت آساني سان ڪري سگهنداسين. الله پاڪ نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڏانهن وحي موڪلي ته انهن کي ٻڌاءِ ته : توهان مال تي عِبادت کي ترجيح ڏني(يعني توهان اهو سوچڻ جي بدران ته مال جي ضرورت ڪهڙي وقت زيادهه آهي، اهو سوچي رهيا آهيو ته عبادت ۾ آساني ڪهڙي صورت ۾ آهي) لهٰذا توهان کي


 

 



[1]...   روح البیان ، پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل، زیرِ آیت:11، جلد:5، صفحہ:137، ۔