Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
الله پاڪ ان کي اهو عطا ڪندو آهي* ۽ بيشڪ جنت ۾ هڪ محل آهي، ان محل جي سامهون دنيا هڪ پکيءَ جي آکيري جيان آهي ان محل ۾ صرف اهو داخل ٿيندو جنهن رجب ۾ روزا رکيا هوندا.([1])
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل
رجب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولا ([2])
الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان نيڪيون ڪرڻ وارو، نيڪين سان دل لڳائڻ وارو بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان نفرت جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو 12 ديني ڪمن ۾ عملي شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون. انهن 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار مدني مذاڪرو به آهي.
اميرِ اهلِسنت مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، بلڪه وليِءِ ڪامل آهن. پاڻ هر ڇنڇر تي عشاء جي نماز کان بعد مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، جنهن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عاشقانِ رسول، تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره ۽ مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن، اميرِ اهلِسنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن. هفتيوار مدني مذاڪرو ڇنڇر جي ڏينهن نمازِ عشاء کان پوءِ ۽ خاص طور رمضان المبارڪ ۾ روزانو نمازِ عصر ۽ نمازِ تراويح کان پوءِ مدني چينل تي